Home
 

Today is,

Thursday, 23 May 2013

 

Home | About Us | News | User Login | Tender | Contact Us
Main Menu
Home
Photos at China Radio
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Asif confident of Pakistan doing well in Asian Team Snooker
KARACHI, May 22 (APP): Reigning World Champion Muhammad Asif was confident of doing well in inaugural Asian Team Snooker and 6-Red Snooker Championship being held Doha (Qatar) from May 24 to 30. “All our players like Sajjad, Hamza and Majid are in a good nick and are in the best frame of mind to do well in Doha event”, Muhammad Asif told APP in an interview on Wednesday.
Read more...
 
National ranking boxing tournament next month
LAHORE, May 22 (APP): National ranking boxing tournament will be held from June 20 at Hyderabad under the aegis of Pakistan Boxing Federation. “It will be a top national level boxing activity being held after the elections of the present regime of the PBF,” said Secretary, PBF, Iqbal Hussain while talking to APP here on Wednesday.
Read more...
 
Pak snooker to leave for Doha
LAHORE, May 22 (APP): A four-member Pakistan snooker team is leaving, Thursday for Doha to take part in the first Asian team event and 2nd Red snooker championship being played from May 24-30.
Read more...
 
Latest scandal again damaged game’s image: Ex-cricketers
ISLAMABAD, May 22 (APP): Former Pakistan players perceive the recent spot-fixing scandal as a cause to faint the image of the game of cricket and has stone the ongoing Indian Premier League. Talking to private news channel, Former Test captain Zaheer Abbas said that he was shocked by the scandal involving Indian Test player, S.Sreesanth and two others Ajit Chandila and Ankeet Chavan.
Read more...
 
Akhtar Rasool led team management to continue till World Cup
LAHORE, May 21 (APP): Pakistan Hockey Federation has decided to retain Akhtar Rasool led team management till next year’s World Cup adding few professionals in the team management staff to boost the performance of the team.
Read more...
 
Archive
Latest News
PTI to fulfill masses aspirations: Hashmi - Senators seated alphabetically in Senate Session - President strongly condemns attack on security personnel - PM Khoso’s area declared new district - Quetta bomb blast: 12 killed, 15 injured - Two killed, 10 injured in bomb blast
Sindhi News
> PDF Print E-mail

صدر آصف علي زرداري پاران ملڪ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري انداز ۾ اقتدار جي منتقلي لاءِ عام چونڊن جي انعقاد تي قوم کي مبارڪون

ڪراچي - 13 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري انداز ۾ اقتدار جي منتقلي لاءِ عام چونڊن جي انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه سومر ڏينهن صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ٻڌايو ته صدر قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آئين موجب چونڊون منعقد ٿيڻ عوام، جمهوريت ۽ جمهوري نظام جي فتح آهي. صدر سمورن قومي ادارن ۽ ماڻهن کي مبارڪباد ڏني جن ان مشڪل مشق منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪئي، جيڪا جمهوريت جي استحڪام لاءِ تمام اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام بيلٽ وسيلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته جمهوري عمل جو ايندڙ مرحلو يعني ووٽ وسيلي عوام جي ظاهر ڪيل راءِ موجب اقتدار جي خيرخوبي سان منتقلي به آئين موجب جلد مڪمل ٿي ويندو

 

نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو پاران سمورن ڌرين کي آئين، جمهوري قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي سربلندي تي زور

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو سمورن ڌرين کي آئين، جمهوري قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي سربلندي تي زور ڏيندي ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس مان جاري بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪنهن ڌانڌلي جي ڪا شڪايت ٿي آهي ته ان کي مناسب ڪارروائي ۽ ازالي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ آندو وڃي، اليڪشن ڪميشن وٽ اهڙين شڪايتن جي حل ڪرڻ جو موثر قانون نظام ۽ اختيار آهي، هن ملڪ ۾ تاريخي عام چونڊن جي خير خوبي سان منعقد ٿيڻ تي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن سميت سمورن رياستي ادارن جي ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو، هن چيو ته ڪنهن به سياسي گروپ يا پارٽي طرفان اهڙا بيان جن سان تشدد وڌي يا وفاق دشمن جذبا پيدا ٿين اهي خاص طور تي اسان جي تاريخ جي هن اهم موڙ تي اسان جي قومي هم آهنگي جي لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سياسي پارٽيون ۽ پاڪستاني عوام تحمل جو مظاهرو ڪندا ۽ بهترين جمهوري روايتن موجب چونڊيل نمائندن کي اقتدار جي خير خوبي سان منتقلي کي يقيني بڻائيندا.

 

وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم مير هزار خان کوسو ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي سهڪار سان ناڻي واري وزارت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ چونڊن واري ڏينهن ملڪ ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻايو ويو، وزيراعظم هدايت ڪئي هئي ته چونڊن واري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن کي عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جو مستقبل تمام گهڻو روشن آهي ۽ پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب اقتصادي سطح حاصل ڪري وٺندو، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شاهد امجد چوڌري وزيراعظم کي معيشت جي صورتحال 7 ان ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن، شماريات واري وفاقي اداري ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي اعليٰ عملدارن ۽ چيئرمين ايف بي آر شرڪت ڪئي

 

ملڪ ۾ شفاف، آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جو نگران حڪومت قوم سان واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، آئين ۽ قانون موجب 2 جون تائين يا ان کان اڳ نئين حڪومت ملڪ ۾ جوڙي ويندي: عارف نظامي

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عارف نظامي چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف، آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جو نگران حڪومت قوم سان واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، هي تاريخي موقعو آهي جنهن ۾ نه رڳو واضح مينڊيٽ سامهون آيو آهي پر ووٽرن جي شرح به وڌيڪ رهي آهي، هي جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، آئين ۽ قانون موجب 2 جون تائين يا ان کان اڳ نئين حڪومت ملڪ ۾ جوڙي ويندي، ڪالهه سومر ڏينهن قانون واري وزير احمر بلال صوفي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات آغا نديم ۽ پي آءِ او عمران گرديزي موجود هئا، اطلاعات واري وزير عارف نظامي چيو ته هي هڪ تاريخي موقعو آهي اها ڳالهه چئي پئي وئي ته  ملڪ ۾ چونڊون ئي نه ٿينديون پر نه رڳو ملڪ ۾ چونڊون ٿيون پر ان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ رهيو ۽ اميدن کان وڌيڪ ووٽرن جي شرح رهي، ان ڏس ۾ ميڊيا جو سڀ کان اهم ڪردار آهي ۽ اسان کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، ميڊيا قوم جي حوصلا افزائي کانسواءِ رهنمائي ڪئي ته هو چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ  جو حق استعمال ڪري، هن چيو ته هي چونڊون عام نه هيون ڇو ته غير رياستي عنصر تيار ويٺا هئا پر نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ جي رستي ۾ ايندڙ سمورن مشڪلاتن کي عبور ڪيو، چونڊن ۾ نوجوانن ۽ عورتن جي ڀرپور شرڪت به حوصلي جوڳي ۽ تحسين لائق آهي، قوم ۾ جوش ۽ خروش هو ۽ سڀني ڀرپور انداز ۾ ان عمل ۾ حصو ورتو، هن چيو ته هي خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته ڪا پارٽي واضح مينڊيٽ حاصل نه ڪري سگهيندي پر چونڊن جي نتيجن ۾ واضح مينڊيٽ آيو آهي، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين کي مينڊيٽ مليو آهي، اطلاعات واري وزير عارف نظامي چيو آهي ته چونڊن جي انعقاد جي ذميداري ڏيندي جيڪي شهيد ٿيا اهي ماڻهو شهيد جمهوريت آهن، گذريل چونڊن ۾ 150 ماڻهو ماريا ويا هئا، هر حياتي جو احترام لازمي آهي ۽ ان جو نقصان سڀني جو نقصان آهي پر الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مجموعي طور تي صورتحال ٺيڪ رهي ۽ چونڊون منعقد ٿيون، هي چونڊون پرتشدد نه هيون، هن چيو ته نه رڳو واضح مينڊيٽ آيو آهي پر سياسي پارٽيون هڪ سڳي ۾ پوئجي ويون آهن، سامهون ايندڙ شڪايتن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن شڪايتي ٽربيونل قائم ڪري ڇڏيا آهن، عارف نظامي چيو ته پاڪ فوج، پيراملٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۽ مدد ساراهه جوڳي آهي، ڪجهه ماڻهو چاهين پيا ته فوج پولنگ اسٽيشنن اندر وڃي پر جمهوريت لاءِ اهو بهتر هو ته ائين نه ٿئي، هن چيو ته ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ سان ئي ملڪ ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ جو آئيني عمل شروع ٿيندو ۽ ڏينهن کان ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ٿيندو، ٻه جون تائين ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي ۽ ان تاريخ کان پهرين به حڪومت بڻجي سگهي ٿي، قانون واري وزير احمر بلال صوفي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجو مينڊيٽ نڀايو ۽ پرامن ۽ جمهوري طور اقتدار منتقل ٿي رهيو آهي جيڪا ملڪ ۽ قوم جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 91 تحت 21 ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي حوالي سان تفصيلي نوٽيفڪيشن هڪ هفتي يا 10 ڏينهن ۾ جاري ڪندي،

 

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران نون چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استقبال ۽ ملڪي تاريخ جي 14 هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي حوالي سان تياريون شروع

اسلام آباد - 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نون چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استقبال ۽ ملڪي تاريخ جي 14 هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي حوالي سان تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ 11 مئي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استقبال لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ملڪي تاريخ جي 14 هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي حوالي سان به حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ شروع ڪئي وئي آهي. انهن تيارين ۾ پهرين سيشن جي لاءِ دعوتناما جاري ڪرڻ ۽ ٻيا معاملا شامل آهن، تنهن هوندي به اليڪشن ڪميشن طرفان حتمي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي ايم اين اي ڪارڊ جي مرحلي جو آغاز ڪيو ويندو

 

سينيٽ چيئرمين برطانيا جي سرڪاري دوري تي لنڊن روانو

اسلام آباد - 13 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري هائوس آف لارڊز جي اسپيڪر برونس ڊي سوزا جي دعوت تي ڪالهه سومر ڏينهن سرڪاري دوري تي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي هو هائوس آف لارڊز جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. سيد نيئر حسين بخاري پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوري نظام ۽ پرامن اقتدار جي منتقلي جي باري ۾ بريفنگ ڏيندو ۽ ٻطرفن دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سينيٽ چيئرمين 16 مئي تي ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر وليم ايف شيخا سان به ملاقات ڪندو

 

 

چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 22 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو

بيجنگ - 13 مئي (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 22 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪري چونڊيل سياسي قيادت سان ملاقات ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ڪالهه سومر ڏينهن چيني خابرو اداري موجب چين جو تازو ئي چونڊيل وزيراعظم لي ڪيانگ 22 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو.

 

 

 
> PDF Print E-mail

      

پنجاب جي نگران وڏي وزير پاران نواز شريف، شهباز شريف سميت سندن خاندان ۽ عمران خان جي سيڪيورٽي فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم

لاهور – 12 مئي (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير نجم سيٺي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف، اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي خاندان جي سيڪيورٽي فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم  ڏنو آهي، نگران وڏي وزير ان ڏس ۾ آءِ جي پنجاب کي ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن، نگران وڏي وزير نجم سيٺي جي هدايت کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان محمد نواز شريف، اڳوڻي وڏي وزير محمد شهباز شريف ۽ ان جي خاندان جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي پوليس فورس مقرر ڪئي وئي آهي، پنجاب جي نگران وڏي وزير شوڪت خانم ڪينسر اسپتال اندر ۽ ٻاهر تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي لاءِ سيڪيورٽي جي وڌيڪ موثر انتظامن جي لاءِ آءِ جي پوليس پنجاب کي هدايت ڪئي آهي جنهن کانپوءِ عمران خان کي وڌيڪ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، نگران وڏي وزير نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته قومي اڳواڻن کي فول پروف سيڪيورٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهي ضروري قدم کنيا ويا آهن ۽ پنجاب جي نگران حڪومت قومي اڳواڻن کي موثر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، ٻئي طرف نجم سيٺي چيو آهي ته عام چونڊن جي باري ۾ عوامي شعور ۾ اضافي سبب پنجاب صوبي ۾ ٽرن آئوٽ مان اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته عوام نگران حڪومت طرفان صوبي ۾ عام چونڊن جي پرامن ۽ شفاف انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مثالي ۽ فول پروف انتظامن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي

 

     

 

 

عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ (ن) ليگ جو غير رسمي مشآورتي اجلاس، شهباز شريف کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور – 12 مئي (اي پي پي) عام چونڊن ۾ ڪاميابي ملڻ کانپوءِ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي تي غور ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ جو غير رسمي مشآورتي اجلاس پارٽي سربراهه محمد نواز شريف جي سر براهه ۾ جاتي عمرا رائيونڊ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ آزاد اميدوارن سان رابطي سميت حڪومت سازي جي لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويو ته شهباز شريف کي ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويندو، ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي پاليسين سان پارٽي مضبوط ٿي آهي، پارٽي اڳواڻن تجويز ڏني ته شهباز شريف پارٽي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي لاءِ کيس ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير بڻايو وڃي ۽ شهباز شريف به ذميداري سنڀالڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو ، ذريعن موجب عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) حڪومت سازي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي لاءِ نواز شريف جي صدارت ۾ رائيونڊ ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر پرويز رشيد، مريم نواز، خواجه سعد رفيق سميت ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن موجب حتمي نتيجن کانپوءِ (ن) ليگ کي سادي اڪثريت ملي رهي آهي، چونڊن ۾ آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن سان رابطن تي به غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته صاف سٿرن ماڻهن کي گڏ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي، (ن) ليگ جي ذريعن موجب نواز شريف چيو آهي ته جنهن به پارٽي کي جيترو مينڊيٽ مليو آهي اسان ان کي خوش آمديد چئون ٿا ۽ خواهش آهي ته ملڪ ۽ قوم خاطر سڀ گڏجي هلون ته جيئن ملڪ کي مسئلن جي ڪن مان ڪڍيو وڃي ۽ حڪومت سازي جي لاءِ فوري پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ گهرجي

 

 

 

 

 

اليڪشن ڪميشن پاران صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪون، چونڊ نتيجن ۾ دير تي خدشا اجايا آهن، ڪو به نتيجا تبديل نٿو ڪري سگهي: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي سڄي قوم جي سوڀ آهي، چونڊ نتيجن ۾ دير تي خدشا اجايا آهن، ڪو به نتيجا تبديل نٿو ڪري سگهي، چونڊ نتيجا جوڙڻ وقت قانوني رخن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا پيا وڃن، آزاد اميدوارن کي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ٽن ڏينهن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي آهي، قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، ڪالهه آچر ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ سيڪريٽري اشتياق احمد خان چيو ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ٿيڻ سڄي قوم جي سوڀ آهي، چونڊن جو پهريون مرحلو خير خوبي سان مڪمل ٿيو آهي، اڃان تائين اسان وٽ سڄي ملڪ مان قومي اسيمبلي جي 44 ۽ صوبائي اسيمبلين جي 120 تڪن جا نتيجا آيا آهن، جن کي غير حتمي چئي سگهجي ٿو، نتيجن جي اعلان ۾ دير تي سوال اٿاريا پيا وڃن، سڄو طريقيڪار قانون تحت ٿي رهيو آهي، پرزائيڊنگ آفيسر کي پنهنجي پولنگ اسٽيشنن جي رزلٽ اليڪشن ڪميشن طرفان فراهم ڪيل فارم تي اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن جي حوالي ڪرڻو هوندو آهي جنهن کانپوءِ بيلٽ پيپرز بيگ ۾ سيل ڪري آفيسرن جي حوالي ڪرڻا هوندا آهن جيڪو اميدوارن جي موجودگي ۾ ان ابتدائي نتيجن کي جمع ڪري ٿو، بلوچستان ۾ ڏورانهين علائقا هجڻ سبب ٻن تڪن جا نتيجا اڃان تائين ملي ناهن سگهيا ان حوالي سان چيف سيڪرِيٽري سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪو به نتيجا تبديل نٿو ڪري سگهي هن چيو ته وڌيڪ نتيجا پرزائيڊنگ آفيسر کان رٽرننگ آفيسر کي وصول ٿي چڪا آهن، هن سمورن اميدوارن کي چيو ته هو اڄ سومر ڏينهن رٽرننگ آفيسرن وٽ ڳڻپ ۾ شريڪ ٿين ان مرحلي تي پوسٽل بيلٽ به شامل ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ٿيندو ۽ اهي نتيجا وري اليڪشن ڪميشن کي موڪليا ويندا، جيڪي ڪامياب اميدوارن طرفان چونڊ خرچن جي اسٽيٽ مينٽ وصول ٿيڻ تي ان جي باضابطه ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چونڊ خرچن جا تفصيل 10 ڏينهن ۾ فراهم ڪرڻا پوندا، هن چيو ته آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيندڙ ميمبر ٽن ڏينهن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪي ميمبر 3 ڏينهن ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيندا اهي پنجن سالن تائين آزاد اميدوار ئي رهندا، هن چيو ته ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ۽ حلف کان اڳ هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي ٻين تڪن مان هٿ کڻڻو پوندو جتي ضمني چونڊون ڪرايون وينديون، هن چيو ته جن تڪن ۾ چونڊ ناهي ٿي سگهي يا ڪراچي جي جنهن تڪ ۾ گذريل ڏينهن 42 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ ملتوي ٿي ان جو فيصلو جلد ڪيو ويندو، هن چيو ته صوبائي حڪومتون پرزائيڊنگ آفيسرن سان رابطو ڪن ته ڪٿي ڪٿي رٽرننگ آفيسرن پرزائيڊنگ آفيسرن تائين نتيجا ناهن پهچايا،

 

 

 

 

 

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا ۽ سمورين پارٽين جي ڪامياب اميدوارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: پرويز رشيد

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا ۽ سمورين پارٽين جي ڪامياب اميدوارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان کي هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻو آهي. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2013ع جي چونڊن جا نتيجا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر سياسي پارٽي ڀلي ان جون سيٽون گهٽ هجن يا وڌيڪ اسان چاهينداسين ته پاڪستان جي مستقبل ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر هڪ جو تعاون حاصل ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورن ڪامياب اميدوارن لاءِ اسان جي دل ۾ احترام آهي ۽ هو پاڪستان جي بهتري لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين پاڪستان مسلم ليگ (ن) ان ڪردار کي خوش اسلوبي سان قبول ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻو آهي جنهن لاءِ حڪومت، پوري معاشري ۽ سمورن ادارن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ قومي پاليسي تيار ڪئي ويندي ۽ ان قومي پاليسي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) عمل ڪندي

 

 

 

 

 

يورپي يونين جي مبصر مشن جي سربراهه مائيڪل گيلهر پاران پاڪستان ۾ عام چونڊن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) يورپي يونين جي مبصر مشن جي سربراهه مائيڪل گيلهر پاڪستان ۾ عام چونڊن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته يورپي يونين جو 140 رڪني مبصر مشن 11 اپريل کان پاڪستان ۾ آهي. هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ڪيل ٽيڪنيڪل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته مبصر مشن چونڊن جي حوالي سان تمام جلد شروعاتي بيان باضابطه طور تي جاري ڪندو جڏهن ته مبصرن کي حتمي تجويزون تيار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 10 ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻو پوندو. مائيڪل گيلهر چيو ته آئنده چونڊن لاءِ تجويزن جي حتمي رپورٽ رمضان کانپوءِ جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته مشن عام چونڊن کانپوءِ صورتحال تي نظر رکڻ ۽ چونڊ عمل جي بهتري لاءِ تجويزن تي ٻڌل مڪمل رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عام چونڊون 2008ع جي ڀيٽ ۾ 2013ع جون چونڊون بهتر ٿيون ۽ مجموعي صرتحال پڻ حوصلا افزا رهي.

 

 

 

 

 

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) فخرالدين جي ابراهيم چونڊ نتيجن جي حوالي سان قائم ڪيل ميڊيا سينٽر جو دورو ڪيو

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) فخرالدين جي ابراهيم چونڊ نتيجن جي حوالي سان قائم ڪيل ميڊيا سينٽر جو دورو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي هيڊڪوارٽر ۾ قائم ڪيل مختلف شعبن جو دورو ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪشن نتيجا جاري ڪرڻ جي حوالي سان پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي خصوصي طور تي قائم ڪيل ڊيسڪس جو دورو ڪيو. ميڊيا جي ماڻهن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ اليڪٽرانڪ اسڪرينون پڻ لڳايون ويون آهن جتي قومي اسيمبلي سميت چئني صوبائي اسيمبلين جي چونڊ نتيجن کي وقت بوقت اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪٽرانڪ اسڪرينن جو غور سان معائنو ڪيو ۽ ان ۾ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو

 

 

 

 

 

عوام اسان کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏئي چونڊيو آهي جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان: چوڌري پرويز الاهي

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عوام اسان کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏئي چونڊيو آهي جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان. آچر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو گجرات ۽ منڊي بهاءُ الدين جي عوام جا ٿورائتا آهيون جنهن ڪارڪردگي جي بنياد تي اسان کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته منهنجي ۽  مونس الاهي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي چونڊ عوام جو اسان تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته گجرات مان مون پنهنجي خاندان جي اباڻي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ اوور ٽرن آئوٽ سٺو رهيو.

 

 

 

 

 

 

چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي آهي، سمورن نتيجن جي اچڻ کانپوءِ پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين. آچر ڏينهن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي اندروني سنڌ تائين محدود رهجي وئي آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ڪرپشن کي مذاق بڻائي ڇڏيو هو ۽ ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ فرينڊلي اپوزيشن بدران ذميوار مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي.

 

 

 

 

 

پاڪستان پيپلزپارٽي کي بجلي بحران ۽ 5 سال ميڊيا جي تنقيد سبب شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پنجاب جي پاور پوليٽڪس هوندي آهي: نديم افضل چن

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي)  پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نديم افضل چن چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي بجلي بحران ۽ 5 سال ميڊيا جي تنقيد سبب شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پنجاب جي پاور پوليٽڪس هوندي آهي. خانگي ٽيليويزن تي اليڪشن نتيجن تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان جي دعا آهي ته ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي، هڪ اليڪشن جي نتيجي تي پارٽيون ختم ناهن ٿينديون، اڃا به پاڪستان پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۾ ان جي نمائندگي آهي.

 

 

 

 

 

عمران خان کي نتيجن بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي، تبديلي کڻي آيا آهيون، (ن) ليگ سان اتحاد نه ڪنداسين: مخدوم جاويد هاشمي

ملتان – 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر  مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف مسلم ليگ (ن) سان اتحاد نه ڪندي، رٽرننگ آفيسر جي آفيس ٻاهران رات دير سان اي پي پي سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته نتيجن جي باري ۾ عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان کي هيتريون سيٽون ملنديون ۽ نتيجا اوترا ئي آيا آهن، هن چيو ته اسان تبديلي کڻي آيا آهيون، اڃان ته پهريون قدم آهي، نوجوان ووٽ وجهڻ آيا آهن انهن جا خواب ضرور پورا ٿيندا

 

 

 

 

 

آمريڪي ميڊيا پاران مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي کي سندس قابل تعريف واپسي قرار

واشنگٽن – 12 مئي (اي پي پي) آمريڪي ميڊيا مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي کي سندس قابل تعريف واپسي قرار ڏيندي ان حوالي سان تبصرا ۽ تجزيا ڪيا آهن. واشنگٽن پوسٽ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ميان نواز شريف کي حقيقت پسند قائد قرار ڏيندي ان جي اڳوڻي دور، جنهن جو خاتمو 1999ع ۾ جنرل (ر) پرويز مشرف جي اقتدار سنڀالڻ سان ٿيو، اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن انتظاميا تعاون جو زڪر ڪيو آهي. اخبار ۾ لکيو آهي ته اوباما انتظاميا جي ميان نواز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جي اميد اميد درست هوندي ۽ 63 ساله نواز شريف معيشت جي بحالي، توانائي بحران کي منهن ڏيڻ، نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير، سڄي ملڪ ۾ بلٽ ٽرين سميت پنهنجا چونڊ واعدا پورا ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪندو. اخبار لکيو ته نواز شريف ئي 1998ع ۾ ڀارت جا ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ڌماڪا ڪري پاڪستان کي نيوڪليئر ڪلب ۾ شامل ڪيو يو ايس ٽوڊي نواز شريف جي واپسي جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو آهي ته هو ٻه ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي چڪو آهي ۽ 1999ع ۾ فوج جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ کيس 2007ع ۾ وطن واپسي کان اڳ جلاوطني ڪاٽڻي پئي. نيويارڪ ٽائيمز لکيو ته نواز شريف آساني سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن ۽ ان جا ڪارڪن جشن ملهائي رهيا آهن. اخبار لکيو آهي ته نواز شريف پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي گهرو اثر وجهي سگهي ٿو ۽ هو طالبان سان ڳالهين جو ارادو ظاهر ڪري چڪو آهي. اخبار ۽ ٽي وي چينلز جي رپورٽرن طالبان جي ڌمڪين باوجود راءِ ڏيندڙن جي جوش خروش جڏهن ته سي اين اين خدشن ۽ خطرن باوجود وڌيڪ ٽرن آئوٽ کي ساراهيو. 

 

 

 

 

مسلم ليگ (ن) چونڊن ۾ ملڪ جي وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي آهي ۽ نواز شريف اسان کي فون ڪري گڏ هلڻ جو چيو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) چونڊن ۾ ملڪ جي وڏي پارٽي جي طور تي سامهون آئي آهي ۽ نواز شريف اسان کي فون ڪري گڏ هلڻ جو چيو آهي. آچر ڏينهن ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اشارو ڏنو ته جي يو آءِ خيبرپختونخواهه ۽ مرڪز ۾ (ن) ليگ سان تعاون ڪري سگهي ٿي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ جن علائقن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي آهي اتي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

 

 

 

 

 

 

مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي شاندار ڪاميابي تي ميان نواز شريف کي فون، مبارڪون

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي شاندار ڪاميابي تي ميان نواز شريف کي فون ڪري مبارڪباد ڏني جنهن جي جواب ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز  شريف پڻ مولانا فضل الرحمان کي ان جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن مرڪز سميت خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

 

 

 

 

 

 

ميان نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ايندي: ڀارتي پرڏيهي وزير سلمان خورشيد

نئين دهلي – 12 مئي (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سلمان خورشيد چيو آهي ته ميان نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ايندي. ڪالهه آچر ڏينهن نئين گادي واري شهر نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم من موهن سنگهه ميان نواز شريف کي عام چونڊن 2013ع ۾ نمايان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي

 

 

 

 

 

سندس حڪومت آمريڪا، افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي، ڊرون حملن تي پاڪستاني عوام کي ڳڻتي آهي: ميان نواز شريف

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت آمريڪا، افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي، ڊرون حملن تي پاڪستاني عوام کي ڳڻتي آهي. آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل کي انٽرويو ڏيندي ميان نواز شريف چيو ته جڏهن ان کان اڳ هو وزيراعظم هو ته ان وقت پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تمام بهتر هئا. ميان نواز شريف چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. هڪ سوال تي ميان نواز شريف چيو ته قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملن ۽ ٻين تڪراري معاملن تي هو آمريڪا سان ڪنهن حل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، ڊرون حملن تي  پاڪستاني عوام کي ڳڻتي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ان حوالي سان اسان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. افغانستان بابت سوال تي ميان نواز شريف چيو ته پاڪستان کي افغانستان سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا. اسان افغانستان جي مڪمل حمايت ڪنداسين ۽ اتي اسان کي ڪا ڌر بڻجڻ جو ارادو نه آهي. ڀارت بابت سوال جي جواب ۾ ميان نواز شريف چيو ته پنهنجي گذريل حڪومت ۾ هن ڀارت سان سٺن لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو هو. ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري جو سلسلو اتان کان ٻيهر جوڙينداسين جتان اهو ٽٽو هو

 
> PDF Print E-mail

 

 

اڄ عوام راءِ جو حق استعمال ڪندي پنهنجو مستقبل محفوظ ڪري ورتو آهي: سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري

اسلام آباد - 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري جمهوريت کي ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن جو حل قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ عوام راءِ جو حق استعمال ڪندي پنهنجو مستقبل محفوظ ڪري ورتو آهي، هو خوشي ۽ ڏک جي گڏيل جذبن تحت ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن خوشي ان ڳالهه جي آهي ته جمهوريت جو اهم مرحلو مڪمل ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪري جمهوريت جي بحالي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي اباڻي تڪ اين اي 49 مل پور اسلام آباد ۾ ووٽ وجهڻ کانپوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو الله تعاليٰ جو تمام گهڻو ٿورائتو  آهي ته ملڪ ۾ تاريخ جي اهم چونڊن جو عمل مڪمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عوام لاءِ هي تمام وڏو ڏينهن آهي جڏهن هو ووٽ ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته حڪمراني جو حق ڏيڻ جو اختيار رڳو عوام وٽ آهي، آئين تحت مقرر مدو پورو ٿيڻ تي چونڊون منعقد ڪرڻ جمهوريت ۽ پارلياماني نظام کي سگهه ملي آهي. اڄ اسان سڄي دنيا جي پارلياماني جمهوريتن جي صف ۾ فخر سان بيٺل آهيون. بنا شڪ جي جمهوريت پسند قوتن بيشمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام سرخرو ٿي آهي جڏهن ته جمهوريت دشمن قوتن جون ڪوششون ناڪام ٿيون ۽ انهن قوتن کي شڪست ٿي، اڄ عوام پنهنجو مستقبل محفوظ ڪري ورتو آهي.

 

 

 

 

 

سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران ڌماڪن جي مذمت

اسلام آباد - 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ۽ ڊپٽي چيئرمين صابر علي بلوچ ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن ان کي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. هنن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مارجي ويلن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ ۾ قائد ايوان فاروق ايڇ نائيڪ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار پڻ انهن ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي.

 

 

 

 

 

 

 

اطلاعات ۽ نشريات جي نگران وفاقي وزير عارف نظامي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو

لاهور - 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي نگران وفاقي وزير عارف نظامي پنهنجو ووٽ ڪينٽ جي تڪ اين اي 125 جي آمريڪن لائيسي ٽف اسڪول ۾ ڪاسٽ ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات جي نگران وفاقي وزير پنهنجي گهرواريءَ ۽ 3 پٽن سان گڏ ڪينٽ جي تڪ اين اي 125 ۽ صوبائي تڪ پي پي 155 جي آمريڪن لائيسي ٽف اسڪول ويجهو مسجد چوڪ ۾ ڏينهن 11 لڳي 15 منٽن تي پهتو ۽ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي سندس گهرواريءَ ۽ ٽن پٽن به پنهنجو پنهنجو وٽ ڪاسٽ ڪيو

 

 

 

 

 

 

 

 

عمران خان ڊاڪٽرن جي هدايت تحت ميانوالي ووٽ وجهڻ لاءِ وڃي نه سگهيو: ترجمان

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجو ووٽ وجهڻ جي لاءِ ميانوالي وڃي نه سگهيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب شوڪت خانم ميموريل اسپتال جي ڊاڪٽرن عمران خان کي هدايت ڪئي ته هو ٽن هفتن تائين مڪمل آرام ڪري جنهن جي ڪري هو ميانوالي ووٽ وجهڻ لاءِ وڃي نه سگهيو، ترجمان چيو ته عمران خان تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين تمام جلد پنهنجون سياسي سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو.

 
> PDF Print E-mail

 

چيف اليڪشن ڪمشنر پاران 11 مئي ملڪ جي تاريخ جو اهم ڏينهن قرار، اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ آزاداڻيون، شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪري قوم کي تحفو ڏنو ۽ پنهنجي آئيني ۽ قومي ذميداري پوري ڪئي آهي، چونڊن ۾ ووٽرز جي شرح تقريبن 60 سيڪڙو رهي، جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، ميڊيا، اليڪشن ڪميشن ۽ قوم تحسين جي مستحق آهي: جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم 11 مئي کي ملڪ جي تاريخ جو اهم ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ آزاداڻيون، شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪري قوم کي تحفو ڏنو ۽ پنهنجي آئيني ۽ قومي ذميداري پوري ڪئي آهي، چونڊن ۾ ووٽرز جي شرح تقريبن 60 سيڪڙو رهي، جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، ميڊيا، اليڪشن ڪميشن ۽ قوم تحسين جي مستحق آهي، اميد ته نئين حڪومت قوم کي گڊ گورننس ۽ امن امان ڏيندي، ان اها ڳالهه ڪالهه ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات عام چونڊن 2013ع جي پهرين غير سرڪاري نتيجي جو اعلان ڪندي چئي، چيف اليڪشن ڪمشنر خيبر پختونخواه جي تڪ ڪي پي 95 لوئر دير مان جماعت اسلامي جي اميدوار سراج الحق جي ڪاميابي جو نتيجو پڙهي ٻڌايو، جتي ووٽرز جي شرح تقريبن 30 سيڪڙو رهي، هن چيو ته قوم کي هن ڏينهن جو وڏي بي تابي سان انتظار هو، اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اليڪشن ڪميشن قوم طرفان سونپيل انتهائي ڏکي ۽ مشڪل ذميداري بهتر طريقي سان نڀائي، هن چيو ته چونڊيل حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪئي ۽ نئين حڪومت کي اقتدار منتقل ٿي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت کي قوم کي امن امان ڏيڻو پوندو ۽ سٺي حڪمراني ڏيڻي پوندي، هي قوم جو سڀ کان پهريون حق آهي جنهن کي ايندڙ حڪومت کي ڏيڻو پوندو، جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم چيو ته اليڪشن ڪميشن جو عملو به خراج تحسين جي مستحق آهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کان ويندي عام عملي تائين سڀني ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ هن مشڪل ڪم کي ممڪن بڻايو، هن ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ووٽرن جي شرح ۾ اضافي جي هڪ وڏي سبب ميڊيا آهي، جنهن جو اسان کي اعتراف ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ميڊيا عوام جي مسلسل ترغيب ڏني ته هو چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪري، عوام گهرن مان وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪتي ۽ هن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هن چيو ته چونڊن جو مسلسل عمل ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري هو ۽ هي سلسلو هلندو رهندو ته جمهوري عمل مضبوط ٿيندو ۽ آهستي آهستي بهتري ايندي ويندي، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ايندڙ حڪومت قوم کي سٺي حڪمراني ڏيندي جيڪو هن جو اولين فرض آهي، هن چيو ته اسان چيو هو ته امن امان جي صورتحال ٺيڪ ٿي وڃي ته اسان قوم کي آزاداڻيون، شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي ڏيڻ کي يقيني بڻائينداسين، الله تعاليٰ جي مدد ۽ ادارن ۽ قوم جي تعاون سان اسان ان مقصد ۾ ڪامياب رهيا آهيون ۽ ملڪ ۾ شفاف آزاداڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي منزل حاصل ڪئي آهي ۽ هي اسان جي طرفان قوم کي هڪ تحفو آهي ۽ اهو اسان جو آئيني ذميداري ۽ قومي فرض هو، جنهن کي اسان نڀايو ۽ ان تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃون ٿا.

 

 

 

 

 

 

 

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه پاران ملڪ کي درپيش سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي هڪ ميز تي ويهڻ جي دعوت، جن ماڻهن اسان کي گاريون ڏنيون، ۽ برو ڀلو چيو تن کي ملڪ ۽ قوم خاطر معاف ڪريون ٿا: محمد نواز شريف

لاهور – 11 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه محمد نواز شريف ملڪ کي درپيش سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي هڪ ميز تي ويهڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته  جن ماڻهن اسان کي گاريون ڏنيون، ۽ برو ڀلو چيو تن کي ملڪ ۽ قوم خاطر معاف ڪريون ٿا، خيرات ۾ روتل ووٽن سان حڪومت مضبوط نٿي ٿي سگهي، عوام دعا ڪري ته الله تعاليٰ مسلم ليگ (ن) کي اڪثريت ڏي، چونڊ مهم دوران جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن کي پورو ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ڪاميابي جي خوشي ۾ گڏ ٿيندڙ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي شهباز شريف، سلمان شهباز، مريم نواز، پرويز رشيد، حسين نواز سميت ٻيا به موجود هئا، نواز شريف چيو ته عوام مون کي ۽ مسلم ليگ (ن) کي جنهن محبت سان نوازيو آهي ان جي لاءِ مون وٽ ٿورن جا لفظ نه آهن، هي الله تعاليٰ جو تمام وڏو احسان آهي ۽ ان تي اسان کي الله تعاليٰ جي آڏو سرجهڪائڻ گهرجي، الله تعاليٰ مسلم ليگ (ن) کي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ، قوم، نوجوانن، بزرگن ۽ ايندڙ نسلن جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، چونڊ مهم دوران نوجوانن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا الله تعاليٰ توفيق ڏي، هڪ هڪ واعدو پورو ڪنداسين، هن چيو ته اڃان ڪيترائي نتيجا رهيل آهن، دعا ڪريو ته الله تعاليٰ مسلم ليگ (ن) کي وڏي اڪثريت سان نوازي ته جئين اسان کي حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ ڪنهن کان ووٽ گهرڻا نه پون ۽ مسلم ليگ (ن) ڪنهن سهاري کانسواءِ حڪومت ٺاهي، هن چيو ته اسان پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪم ڪنداسين، الله ۽ ان جي مخلوق کي راضي ڪنداسين، عوام جي خدمت اسان جو پهريون نصب العين هوندو، هن چيو ته چونڊ مهم دوران اسان کي جيڪي گاريون ڏنيون ويون آهن اسان اهي سڀ معاف ڪريون ٿا اسان ڪنهن کي گار نه ڏني ۽ نه ئي ڪنهن کي برو ڀلو چيو اسان صرف گاريون ٻڌيون آهن ۽ اهي ملڪ ۽ قوم خاطر سڀ ڪجهه معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، چاهيون ٿا ته اسان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍون، هن چيو ته الله تعاليٰ به چوي ٿو ته آئون ان قوم جي حالت ان وقت تائين نٿو بدليان جيستائين اها قوم پاڻ پنهنجي حالت تبديل نٿي ڪري، هن چيو ته لوڊشيڊنگ، غربت ۽ مهانگائي جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار آهيون ۽ ان حوالي سان سڀني سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته آئون سڀني کي اپيل ڪريان ٿو ته اچو هڪ ميز تي ويهون آئون پنهنجي لاءِ نه پر 18 ڪروڙ عوام خاطر بدبخت لوڊشيڊنگ، بيروزگاري، غربت کي ختم ڪرڻ خاطر چوان ٿو ته اچو ويهو ته جيئن هي قوم سک جو ساهه کڻي، عزت ۽ خوشحالي سان زندگي گذاري سگهي، جنهن وٽ ماني جي لاءِ پئسا نه آهن اهي خوشحالي جي زندگي گذارين، نوجوان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن،

 

 

 

 

 

 

 

وزيراعظم  پاران مقامي انتظاميه کي فوري طور تي ڇتر نصير آباد پهچڻ جي هدايت

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو مقامي انتظاميه کي فوري طور تي ڇتر نصير آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن آزاد اميدوار سيد خادم شاهه جي قافلي تي حملي سان زخمي ٿيندڙن جي مدد ڪري سگهجي، وزيراعظم اها هدايت به ڪئي آهي ته فوت ٿيندڙن جون ميتون سندن پونيئرن تائين پهچائڻ جي لاءِ انتظام ڪيا وڃن.
 
> PDF Print E-mail

 

وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو پاران نصير آباد ۾ آزاد اميدوار جي قافلي تي حملي جي مذمت

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو نصير آباد ۾ آزاد اميدوار جي قافلي تي بم حملي ۽ فائرنگ جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، وزيراعظم ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ جاني زيان تي سوڳوار خاندانن سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته ان ڪڌي ڏوهه ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن لاڳاپيل عملدارن کان ان واقعي جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، جڏهن ته زخمين کي بهترين طبي امداد ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي

 

 

 

 

 

 

تمام گهڻي انگ ۾ گهرن مان نڪري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ تي پاڪستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، عوام چونڊن جي باري ۾ شڪ شبهن جو شڪار ۽ تنقيد ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو: وزيراعظم مير هزار خان کوسو

اسلام آباد - 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو تمام گهڻي انگ ۾ گهرن مان نڪري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ۽ اهڙي طرح انهن تنقيد ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪي عام چونڊن جي باري ۾ شڪ شبهن جو شڪار هئا. وزيراعظم چونڊن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ تي سمورين پارٽين ۽ انهن جي اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي طرفان منصفاڻين، آزاداڻين ۽ منظم انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت سان تعاون ڪرڻ ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو  آهي. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ووٽن جي ڳڻپ جو ايندڙ مرحلو به خوش اسلوبي سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم نگران حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته هو بنا دير جي اقتدار  پاڪستان جي عوام جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪري ڇڏيندي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذاتي طور تي ڪڙي نگراني ڪري رهيو آهي، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي

اسلام آباد - 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو سڄي ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذاتي طور تي ڪڙي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي. ان سلسلي ۾ هن ڇنڇر ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير نجم سيٺي، سنڌ جي وڏي وزير زاهد قربان علوي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير طارق پرويز خان، بلوچستان جي وڏي وزير نواب غوث بخش باروزئي، گهرو ملڪ حبيب ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان رابطو ڪيو. وزيراعظم وڏن وزيرن کان ووٽر ٽرن آئوٽ ۽ امن امان جي صورتحال بابت دريافت ڪيو. وڏن وزيرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته عورتن سميت هر عمر جي ووٽرن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ لاءِ آئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال عمومي طور تي ڪنٽرول ۾ آهي. وزيراعظم گهرو وزير سان پڻ ڳالهايو ۽ ڪجهه جاين تي ناخوشگوار واقعن جي رپورٽن کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران قدمن بابت معلوم ڪيو. گهرو وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ اضافي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ماڻهو تحفظ جي احساس سان ووٽ وجهي سگهن. وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزير سان پڻ رابطو ڪيو ۽ ان کي ٻڌايو ته سندس هدايتن موجب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ جي فراهمي جاري آهي.

 
More...
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 1 - 9 of 6874
Elections 2013 News
Elections 2013 News
Chinese Premier Visit to Pakistan
Chinese Prime Minister Visit to Pakistan Chinese Prime Minister Visit to Pakistan
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2011-2012
Economic Survey 2010-2011
Economic Survey 2009-2010
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Day of Democracy
Day of Democracy News
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate
Ordinances